نوشهرا (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ خيبرپختونخوا جي اڳوڻي وڏي وزير پي پرويز خٽڪ پي ٽي آءِ تي پابندي جي صورت ۾ نئين نالي سان سياست ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ چيوته چيو آهي ته عمران خان سان گڏ آهيان، تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو سوچي به نٿو سگهان. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ وڌيڪ چيو ته ڪو پارٽي مان ويندو آهي ته ڪو ايندو آهي، ان سان پارٽي تي ڪو اثر ناهي پوندو. هن چيو پارٽي تي پابندي جي ڪوشش ڪئي وئي ته پي ٽي آءِ نئين نالي سان سياست ڪندي.