اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم جي خصوصي معاون ۽ پ پ جي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ماڻهو پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رابطي ۾ آهن،  اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سياست ۾  ڳالهيون ٿينديون آهن، الزام به هنيا ويندا آهن پر عمارتن تي حملا ناهن ڪيا ويندا، هن چيو ته اسان حڪومت کي به چيو ته عورتن کي گرفتار نه ڪيو وڃي،  جڏهن فريال ٽالپر گرفتار ٿي هئي تڏهن پي ٽي آءِ وارن جو ضمير نه جاڳيو هو، هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ماڻهو اسان سان شامل ٿيڻ لاءِ رابطي ۾ آهن، وڳوڙ ڪندڙن کي پارٽي ۾ شامل نه ڪنداسين، جيڪڏهن رابطو ڪندڙن جا نالا ٻڌايون ته حيران ٿي ويندا ته اهي ڪيترا وڏا انقلابي هئا، پي ٽي آءِ ڳالهين کي سنجيده وٺي ها ته 9 مئي جا واقعا نه ٿين ها، ذميوارن کي سزا ملڻ  گهرجي، هن چيو ته جي ٽوئنٽي ڪانفرنس سري نگر ۾ ٿي رهي آهي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زداري 21 مئي تي اسلام آباد کان مظفر آباد ڪشمير جي دوري تي ويندو.