اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي خلاف تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ اسپيشل جج سينٽرل اعظم خان پاران اعظم سواتي جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي قابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا، عدالت اعظم سواتي کي 50 هزار رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، اعظم سواتي جي وڪيل ٻڌايو ته اعظم سواتي هن وقت زمان پارڪ ۾ موجود آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻن جون عدالت ٻاهران گرفتاريون ٿي رهيون آهن، پراسيڪيوٽر رضوان عباسي سوال ڪيو ته ايترا ڏينهن ڇا ضمانت تي آهي؟ عدالت ڪيترائي ڀيرا فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو آهي پر پيش نٿو ٿئي، گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن. عدالت ٻڌڻي 30 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.