روٽرڊيم (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ هالينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي ون ڊي سيريز اڄ کان شروع ٿي رهي آهي، پهرين ميچ اڄ کيڏي ويندي، مهمان ٽيم جو ٽريننگ سيشن ٻئي ڏينهن به برسات جي نذر ٿي ويو جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي جي نه کيڏڻ جا امڪان آهن. مليل اطلاعن موجب پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ وچ ۾ ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ اڄ روٽرڊيم ۾ کيڏي ويندي، جيڪا پاڪستاني وقت موجب منجهند ٻي وڳي شروع ٿيندي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته نيڌرلينڊ سان ڪرڪيٽ سيريز هن خطي ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ جو سبب بڻجندي. نيڌرلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ٻن مهينن کان فالو ڪري رهيو آهيان جڏهن ته نيڌرلينڊ  جي ڪرڪيٽ  ماڻهن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. شاهين شاهه آفريدي بابت ڳالهائيندي پاڪستاني ڪپتان چيو ته شروعاتي ٻن ميچن ۾ شاهين شاهه آفريدي جي غيرموجودگي تي نوجوان بالرن کي موقعو ڏينداسين ته هو اڳتي اچي پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکارين. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ۽ ٽئين ون ڊي ميچ به ان ئي ميدان تي ترتيبوار 18 ۽ 21 هين آگسٽ تي کيڏي ويندي. ٻئي طرف پاڪستان ۽ نيڌرلينڊز وچ ۾ ٿيندڙ سيريز کان اڳ برسات سبب قومي اسڪواڊ روٽرڊيم ۾ انڊور پريڪٽس سيشن ڪيو. انڊور پريڪٽس ۾ بيٽرز ڀرپور نيٽ سيشن ۾ حصو ورتو جڏهن ته قومي ون ڊي انٽرنيشنل ٽيم ۾ شامل فاسٽ بالرن آرام ڪيو.