سوال/سروي … نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ جون هڪٻئي خلاف ڪارروايون ڇا وفاق ۽ پنجاب ۾ ٽڪراءُ وڌي پيو؟ عوام ڇا ٿو چوي؟

0
161

   ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڇا وفاق ۽ پنجاب ۾ ٽڪراءُ وڌي رهيو آهي ؟ وفاقي حڪومت جي پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪارروائي ۽ پنجاب حڪومت پاران نواز ليگ اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا، ان صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاق ۽ پنجاب ۾ اصل ٽڪراءُ نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ ۾ هلندڙ ويڙهه آهي، هنن کي عوام جي پرواهه ناهي، پنهنجي مفادن لاءِ پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي پرويز خاصخيلي لکيو ته سنڌ مان اسان کي جان ڇڏائي ڏيو، باقي پنجاب ڄاڻي وفاق ڄاڻي، عابد ڀٽي لکيو ته جنهن کي به حڪومت ملندي آهي رڳو انتقامي ڪارروائيون ڪندو آهي، عوام جي ڪنهن کي پرواهه ناهي، سڪندر علي لکيو ته عمران خان جي ماڻهن کي بي گناهه گرفتار ڪيو پيو وڃي اتي صوبائي گورنمينٽ جو فرض آهي

انهن کي جواب ڏيڻ، لياقت علي نهڙي لکيو ته انهي جي ذميوار امپورٽنڊ حڪومت خود آهي ايڪشن جو ريڪشن ته ايندو، هي سدائين پيا پاڻ ۾ وڙهن باقي عوام جا مسئلا ڪير ٻڌڻ وارو ناهي، عاشق حسين لکيو ته سڀ ڊرامو آھي ، وچ ۾ غريب ڪارڪن گرفتار ٿيندو ٻيا وري انھن کي آزاد ڪرائيندا ، ائين مدو پورو ٿيندو ، وري اليڪشن جي تياري ڪندا، فضل سبزوئي لکيو ته ڪرسي خاطر ھي انڌا حڪمران سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ جو اھو ڊرامو ملڪ ۽ قوم لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو، عادل علي سومرو ۽ بخشڻ سهتو به سروي ۾ حصو ورتو، اظھر آدرش لکيو ته هي سياست نه پر انا پرستي ۽ پاور شو ظاهر ڪرڻو آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٻئي ڌريون شدت پسندي واري رستي تي هلن پيون. منٺار علي لغاري لکيو ته اتحادي حڪومت عمران نيازي جي پويان پئجي وئي آهي، وري بدلي ۾ پنجاب حڪومت پنهنجي وس آهر  گھٽ ڪونه پئي ڪري، ملڪ لاءِ هاڻي ڪو به سياستدان ناهي بچيو هر ڪو پنهنجو سر بچائڻ ۾ پورو آهي، عبدالقادر گبول لکيو ته ظاهري ڳالهه آهي

سياسي انتقام ته ٿيندو، نواز ليگ وارا پي ٽي آءِ وارن جون گرفتاريون ڪندا ته پي ٽي آءِ وارا به ڪندا، طاقت جو استعمال آهي، ممتاز علي سميجو لکيو ته سياست چمڪائڻ لاءِ هي عوام کي بيوقوف ڪندا آهن جن تي پهريان ڪرپشن جا ڪيس هئا تن کي ڇا ٿيو، نويد نواز لکيو ته وفاقي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جو جهيڙو اصل ۾ آمريڪا کي اندروني طرح خوش ڪرڻ آھي ته جيئن عوام جو ڌيان هنن جي جهيڙي طرف هجي ۽ آمريڪا پاڪستان ۾ پنهنجا مقصد۽ مفاد پورا ڪري سگهي، عرفان سيلرو لکيو ته سڀ ٺهي ويندا رڳو نومبر واري اهم مقري ٿي وڃي، ميانداد مري لکيو ته عمران خان جھڪڻ وارو ناھي عمران خان کي سنڌ اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، نياز ڪلوئي لکيو ته رڳو سياست آ عوام کي بي وقوف ڪرڻ لاءِ، شنڪر لال لکيو ته وفاقي حڪومت تمام غلط ڪري رھي آھي. ممتاز علي مهر لکيو ته عمران خان ڪاميابي طرف وڌي پيو پي ڊي ايم ڌٻڻ ۾ ڦاسي پئي آهي،

گلزار خشڪ لکيو ته جڏهن کان هي فتنو خان آيو آھي تڏهن کان پوري ملڪ جي سياست کي هن بدنام ڪري ڇڏيو آھي، اياز علي راهوجو لکيو ته وڙھن سان لتاڙجن ٻوڙا، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته بلڪل غلط آهي ڇو جو عمران خان خلاف ڪارروائي نه ڪئي وڃي واحد بخش لکيو ته بس پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ بدران پنهنجي مفاد لاءِ وڙهي رهيا آهن، ساگر علي رضا لکيو ته هڪ ڊرامو رچائي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، عوام مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب فاقا ڪشي واري زندگي گذاري رهيو آهي، هي سڀ ڪرسي خاطر پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن. مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ٽائيم پورو ٿا ڪن، مقبول حسين، عنايت کيبر به سروي ۾ حصو ورتو، محمد خالد ميمڻ لکيو ته وفاق ۽ پنجاب وچ ۾ ٽڪراءَ ملڪ لاء انتهائي خطرناڪ ٿي سگهي ٿو ان لاءِءَ ملڪ جي اصل مالڪن کي گهرجي ته ٻنهين ڌرين جو ٺاهه ڪرائي جلد صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائين ۽ جنهن کي عوام ووٽ ڏئي اقتدار ان حوالي ڪن،

مظفر لغاري لکيو ته غير سياسي ماڻهن جي ڪري اڄ پاڪستان ۾ مفاهمتي سياست جو انت اچي چڪو آهي ان ڪري انتقامي سياست جنم ورتو آهي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته وفاقي حڪومت هرڀرو پي ٽي آءِ حڪومت خلاف سازشون ڪري رهي آهي، جنيد زرين لکيو ته وفاقي حڪومت ته پنجاب ۾ انتقامي ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. پر لڳي ڪون ٿو ته پنجاب حڪومت به وفاقي حڪومت سان ٽڪراءَ واري صورتحال پيدا ڪري.پي ٽي آءِ پنهنجو دفاع ڪرڻ ۾ پوري آهي، سڀ کان اول ملڪي مفاد کي اھميت ڏني وڃي، غلام رضا راڄپر به سروي ۾ حصو ورتو، عرض محمد پيرزادو لکيو ته  ملڪ ۽ قوم لا سياستدانن ڪجهه بـه نه ڪيو آهي بس رڳو پنهنجو ۽ پنهنجي عزيزن جا پيٽ ڀريا اٿن غريب عوام لاءِ عمران حڪومت به ڪجھ نه ڪيو صرف ۽ صرف عوام کي پنڻ تي هيرايو،  وفاق ۽ پنجاب ۾ ڪو جيھڙو نه آهي ھي نوازليگ ۽ پي ٽي آءِ جو جهيڙو آهي، گلاب خاصخيلي لکيو ته ملڪ ۾ بک واڪا پئي ڪري مگر ھي حڪمران ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ لاءِ ڄنڊا پٽ ڪرڻ ۾ پورا آھن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت ۾ رڪارڊ لاٿ آئي آھي

پر ھتي صرف سکڻا اعلان ڪري عوام کي بيوقوف ڪيو پيو وڃي، حاجي خان پنهور لکيو ته بلڪل اهو سلسلو جاري آهي هر پارٽي پنهنجو پاور شو استعمال پئي ڪري پرويز الاهي صوبائي حڪومت جا پاور استعمال پيو ڪري نواز ليگ وارا وفاقي حڪومت جو زور پيا آزمائين. اسد انڍڙ لکيو ته وفاقي حڪومت سياسي انتقام ڪندي پي ٽي آءِ رهنمائن کي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪندا ته ظاهر آهي جواب ملندن، عادل خان تنيو لکيو ته عمران اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ ھميشھ انتقام تي لھي ايندو آهي، قربان علي ميراڻي لکيو ته وفاقي حڪومت جيترو عمران خان جو گھيرو تنگ ڪندي اوترئي  پي ٽي آءِ وارا ملڪ ۾ انتشار ڦھلائيندا ڇو ته نيازي حڪومت چارسال جي اقتدار ۾ جيتري ڪرپشن ڪئي شايد ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي، قادر شر لکيو ته هي سياسي ڏيکاءُ آهي باقي مٿي سڀ پاڻ ۾ مليل آهن، شيراز احمد لکيو ته اھا ته ذاتي سياست ٿي، ملڪ توڙي عوام کي نقصان کي پلئه پوندو. حافظ راڄپر لکيو ته سڀ چوري لڪائڻ ٿاڪن پي ڊي ايم وارا، غلام رسول راهمون لکيو ته عمران خان جھڪڻ وارو ناھي.