اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ تحت رانديگرن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي. ڪرڪيٽ رانديگرن جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ 30 جون تي ختم ٿي رهيو آهي جنهن کي ڏسندي نئين ڪانٽريڪٽ جي حوالي سان مشاورت هلندڙ آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سان حتمي مشاورت بعد سينٽرل ڪانٽريڪٽ لاءِ رانديگرن جي فهرست تيار ڪري پي سي بي جي چيئرمين نجم سيٺي کي ڏني ويندي. رانديگرن سان سينٽرل ڪانٽريڪٽ سان گڏ انهن جي پگهارن ۾ به واڌ جي تجويز پيش ڪئي ويندي، تجويز ۾ چيو ويو آهي ته رانديگرن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ به ڪئي وڃي. ٻڌايو پيو وڃي ته مينيجمنٽ ڪميٽي جو مدو به 21 جون تي پورو ٿي رهيو آهي جنهن جي ڪري ان کان اڳ رانديگرن سان ڪانٽرڪيٽ ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. ذريعن موجب بابر اعظم، شاهين آفريدي، رضوان احمد، شاداب خان ۽ فخر زمان اي ڪيٽيگري ۾ برقرار رهندا، حارث، رئوف ۽ نسيم شاهه کي به ترقي ڏني ويندي اهي ريڊ توڙي وائيٽ ڪيٽيگرين جو حصو هوندا. افتخار احمد، صائم ايوب، احسان الله، اسامه مير ۽ محمد حارث به ڪانٽريڪٽ لسٽ ۾ شامل آهن،

اڳوڻو ڪپتان سرفراز احمد به ڪانٽريڪٽ جر ريڊ ڪيٽيگري ۾ شامل آهي.