سوال/سروي … حڪمرانو جواب ڏيو، سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري اڃا آزاد ڇو ناهي ٿي ؟ جيجل امڙ جي دانهن ورنايو: عوام

0
326

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پريا ڪماري جي امڙ جي ميار  جو جواب ڪير ڏيندو؟  پوليس  پريا جي بازيابي لاءِ ڦڙتيون ڇو نه پئي ڏيکاري؟ ٻار ڪنهن جي آشيرواد سان اغوا ٿين ٿا؟ جنهن تي عوام پريا ڪماري جي آزادي جو مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس، وڏيرا ذميوار آهن، پوليس جو ڪردار شڪي آهي، سنڌ سرڪار هن معاملي تي جواب ڏئي، پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي امر راءِ سنگهه راجپوت لکيو ته جواب سنڌ حُڪومت کي ڏيڻ گُهرجي. حُڪومت جو فرض آھي ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪري. پريا ڪماريءَ جي امڙ جون دانهُون ٻُڌي زمين پيرن هيٺيان نڪري وڃي ٿي. معصوم ٻار محفوظ ناهن ماڻهو ڇا ڪري..؟ موهن لال لکيو ته پريا جي امڙ جو درد فقط سندن گهر ڀاتي محسوس ڪري سگهن ٿا باقي معاشرو مسخرو آهي جيڪڏهن معاشرو شعور رکندڙ هجي ها ته يقينن اڄ پريا جي امڙ تي اهڙو ڏمر ڪونه ڪري ها باقي پوليس تماشائي بڻيل آهي انهي جي مشڪوڪ ڪردار سان ڪير واقف ناهي ٻارن جي اغوا واري معاملي ۾ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊر ملوث آهن انهن کي سوڙهو ڪبو ته سڀئي ٻار بازياب ٿي ويندا، محمد ادريس لکيو ته ڌاڙيل پاليل آھن وڏيرن جاگيردارن جا وري پوليس به انھن جي ڪمداري ٿي ڪري. شبير علي جعفري لکيو ته جواب سنڌ حڪومت کي ڏيڻ گهرجي اصل ۾ جيڪا واقعا پيش اچن ٿا انهن واقعن جا ذميوار سنڌ حڪومت آهي حڪومت کان سواءِ سنڌ جا ڪجهه ڀوتار وڏيرا به وارداتن ۾ برابر جا شريڪ آهن، قاسم خاصخيلي لکيو ته سنڌ ۾ قانون جي رٽ کي مضبوط ڪري ڏوهن ۾ ملوث  هٿن کي سوگھو ڪرڻ سان ئي ڏوهاري سرگرمين ۽ ٻارن جي اغوا کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي، قربان علي ميراڻي لکيو ته ان ماءُ تان ڇا گذرندو هوندو اها کيس خبر هوندي باقي جيڪڏھن پوليس تحرڪ وٺي ته پوليس کان ڪا به شيءِ ڳجھي نه آھي، علي گل شيخ لکيو ته ٻار هميشه وڏيرن، ڀوتارن، ميرن، ۽ پوليس جي آشيرواد سان اغوا ٿين ٿا. جيڪڌهن پوليس سڌي ٿئي ته سنڌ اندر بدامني نه پکيڙبي. راحب علي لکيو ته حڪمران ئي ڏوهه ڪرائن ٿا، احسان علي چانڊيو لکيو ته چورن ۽ ڌاڙيلن تي سردارن وڏيرن جي آشيرواد آھي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته تڪ جا چونڊيل نمائندا ضلعي جو ايس ايس پي، ڊي آءِ جي ذميوار آهن، قادر بخش زئور لکيو ته اسين سڀ سندس آواز بڻباسين پريا ضرور بازياب ٿيندي،اشفاق چانڊيو لکيو ته قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مدد طلب ڪيو، امتياز کوسو لکيو ته پريا جي امڙ جا سوال مغوين کي ڊيل تحت آزاد ڪرائيندڙ پوليس عملدارن جي منهن تي چماٽ آهن ان لاءِ جيڪڏهن پوليس پريا کي بازياب نه ٿي ڪرائي سگهي ته ڀلا ڊيل تحت ئي کيس موٽائي وارثن حوالي ڪري ته جيئن سندس امڙ سميت بي حال بڻيل والدين جي چهري تي مرڪون موٽي سگهن، دليپ آزاد لکيو ته پوليس جو ملوث هئڻ سبب آھي جيستائين سياسي پارٽين جو آشيرواد هوندو تيستائين هي ڪم نه رڪندو، عابد شر لکيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت بدامني اغوا وارداتن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي پر سرڪار ڪوبه ايڪشن نٿي وٺي ماڻھو اغوا ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي، راجو ٺڪر به سروي ۾ حصو ورتو، ممتاز علي ملاح لکيو ته هيترو وقت گذرڻ باوجود سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري آزاد ناهي ٿي سگهي افسوس آهي، حاجي خان پنهور لکيو ته آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي کي هن جيجل جي دانهن ٻڌڻ گهرجي، حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، عمران جوڻيجو لکيو ته سنڌ ۾ قانون صرف غريب لاءِ آهي آءِ جي سنڌ کي معصوم ٻارن جي اغوا جو نوٽيس وٺڻ کپي، نصرالله لاشاري لکيو ته سنڌ ۾ ھٿ سان قانون کي بااثرن جي ڪمداري لاء استعمال ڪيو پيو وجي قانون بااثرن اڏو مجبور آھي ھتي معصوم ٻارن کان وٺي نوجوانن تائين اغوا جا واقعا بااثرن جي سرپرستي ۾ ٿين ٿا. جيستائين قانون جي بالادستي عمل ۾ نه ايندي اسان جون جھوليون خالي ٿينديون رھنديون، گلشير سومرو لکيو ته ڪم سڄا وڏيرن بااثرن جا آھن پوليس پڻ مولوث آھن، سهيل جويو لکيو ته پريا ڪماري جي امڙ کي وقت جا حڪمران جواب ڏين، پوليس پنهنجي روايتي سستي پئي ڪري، باقي ٻارڙن جي اغوا جي پويان وڏا هٿَ آهن، حڪومت سنجيده ٿئي ته سڀ خبر پئجي ويندي، محمد ميرڻ جکراڻي لکيو ته جواب امجد شيخ ڏيندو، حسين ٽانوري لکيو ته پريا جو درد ته گهر جا ڀاتي محسوس ڪن ٿا باقي چونڊيل نمائندن ۽ ايس ايس پي جي ڪن تي جونءَ به نٿي سري، جي ڊي چارڻ لکيو ته سنڌ حڪومت کي جواب ۽ حڪومت کي گھرجي ته انھن جي ماڻھن کي تحفظ ڪن . سنڌ حڪومت ذميوار آهي، دليپ ڪمار لکيو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ به قانون حرڪت ۾ نٿو اچي، لياقت علي ڀنڊ لکيو ته ڌاڙيل ايڏا طاقتور آھن جو ! سنڌ حڪومت به عاجز نظر اچي رھي آھي، احسان لغاري لکيو ته ان جو جواب سنڌ حڪومت کي ڏيڻ گھرجي سنڌ حڪومت جي نا اھلي جي ڪري ڪافي مسئلا پيش اچي رھيا آھن، بشير ميراڻي لکيو ته پريا ڪماري جي اغوا ۾ پوليس ۽ ڀوتار ملوث آهن جيستائين ڀوتارن کي سزا نه ملندي تيستائين ڪجهه به نه ٿيندو. لال بخش بوزدار لکيو ته جواب حڪمرانن کي ڏيڻ کپي ھا پر بدقسمتي سان حڪمران ئي ڪرپٽ آھن جن کي عوام جو احساس ناھي صرف اقتدار ، ڪرسي ۽ پئسي جي بک آھي، مرتضيٰ ملڪ لکيو ته پوليس تي ايترو خرچ ڪرڻ باوجود اغوا وارداتون ٿين ٿيون، مراد علي لکيو ته پريا ڪماري جو اغوا پوليس جي منهن تي چماٽ آهي اھڙن عمل ۾ پوليس پاڻ ملوث آهي، مولائي اسد ماڇي لکيو ته پوليس ۽ سنڌ حڪومت کي جواب ڏيڻو پوندو جيڪي ڌاڙيلن جا پٽي ڀائي بڻيل آھن، ممتاز علي سميجو لکيو ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي ذميواري سنڌ پوليس کي مليل آهي پوليس سنڌ حڪومت جي ماتحت آهي سنڌ حڪومت کي جواب ڏيڻ گهرجي ڇو ته سردار مير پير حڪومتي ڌرين جو حصو آهن، عامر مهيسر لکيو ته نااھل سِنڌ حڪومت جي وجھه سان سِنڌ ۾ وڌندڙ بدامني جو چٽو ۽ واضع مثال آھي، پوليس ويچاري بي وس ۽ لاچار آھي صرف نالي جو ڊپارٽمينٽ وڃي بچيو آھي، جيڪڏھن پوليس سمرت ڪمار کي بازياب ڪرائي سگهي ٿي ته سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري کي به بازياب ڪرائي سگهي ٿي، پر سوشل ميڊيا جي ذريعي معلومات ملي ٿي ته اڌ پوليس جا اھلڪار ڏوھارين سان مليل جليل آھن جنهن جو نتيجو اھو آھي ته ڏوھه اغوائون بنا ڀنگ جي نه ٿا واپس ٿين.2 ڏينهن پهريان لاڙڪاڻو مان موٽرسائيڪل ڦر کان پوءِ ڪنهن ايس ايڇ او جون ڪالون ڦورن جي موبائل تي اچي رھيون ھيون جيڪا موبائل ڦورن کان ڦر ڪندي ڪِري پئي ھئي، اھو مثال آھي. سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري کي پوليس سنجيدہ ٿي ڪري بازياب ڪرائي، عبدالفتاح سومرو لکيو ته منهنجي خيال ۾ ڌاڙيل مفت ۾ بدنام آهن اغوا قتل سمورو پوليس پاڻ پئي ڪري، نديم بلوچ لکيو ته سنڌ ۾ قانون نالي جي ڪا شي ناهي اگر سنڌ پوليس اکيون کولي ته ڪوئي به گناھه يا اغوا نه ٿيندو، شرف الدين ڪيريو لکيو ته پريا جي امڙ جي ميار سنڌ ۽ سنڌين تي جائز آهي ڇو جو سنڌ ۾ صرف جيڪا جيڪا شيءِ وائرل ٿيندي آهي صرف ان کي ڏٺو ويندو آهي ، لطف سنڌي لکيو ته سنڌ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، اهڙيون ڪيتريون ئي فضيلا سرڪي،پريا ڪماريون آهن جيڪي پوليس دلچسپي نه هجڻ سبب بازياب نه ٿيون ٿين، راجا حيدر لکيو ته ان جي سلامتي سان بازيابي رياست جي ذميواري آھي جيڪا پنھنجو ڪردار ادا نه پئي ڪري، مدثر کهاوڙ لکيو ته پوليس به ميڊيا جي رپورٽن تي هلي ٿي جيڪڏھن ميڊيا تي اغوا جا معاملا هاءِ لائيٽ ٿين ٿا ته پوليس ڪجهه تحرڪ وٺي ٿي نه ته ايئن ئي حشر ٿئي ٿو جيئن پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، سنتوش ڪمار لکيو ته حڪومت جي ذميوار آهي، نارائڻ داس لکيو ته جيڪڏهن حڪمرانن ۾ انسانيت آھي ته ضرور نياڻي ملندي، علي محمد کوسو لکيو ته پوليس جي سرپرستي ۾ ٻار اغوا ٿين ٿا، الياس سمون لکيو ته منهنجي خيال ۾ ته ڌاڙيل مفت ۾بدنام آھن اغوا قتل سمورو پوليس پاڻ پئي ڪري، راجو راڪ لکيو ته پريا ڪمار کي آزاد ڪرايو وڃي، محمد الياس شر لکيو ته بلڪل اگر پوليس ڪوشش ڪري ته پريا آزاد ڪرائي سگهي ٿي، عبدالوحيد لکيو ته پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو وڃي، بشير احمد سيلرو، آزاد الطاف حسين تنيو به سروي ۾ حصو ورتو، محمد فياض وساڻ لکيو ته قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مدد طلب ڪيو، سنڌ جا حڪمران ئي ڏوھه پيا ڪرائن ته سنڌ ۾ امن ڪيئن ٿيندو، لجچت راج لکيو ته پوليس کان ڪا شيءِ ڳجهي ناهي، لياقت بلوچ لکيو ته سنگرار جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جو معاملو ڇو دٻائجي ويو هاءِ ڪورٽ جي نوٽيس باوجود قانون حرڪت ۾ ناهي آيو، سجاد علي جتوئي لکيو ته جواب سنڌ حڪومت کي ڏيڻ گهرجي اصل ۾ جيڪا واقعا پيش اچن ٿا انهن واقعن جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي، عباس ٻجورو لکيو ته حڪمران سچا ٿين ته 5 منٽ به وڏا آهن، وحيد مستوئي لکيو ته بااثر وڏيرن جي آشيرواد سان معصوم ٻارڙا اغوا پيا ٿين پوليس انھن جي آڏو مجبور لاچار بي وس بڻيل آھي. بس رڳو وارث پيا دانھون ڪوڪون ڪن. ظهور منگي لکيو ته جواب سنڌ حُڪومت کي ڏيڻ گُهرجي. حُڪومت جو فرض آھي ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪري. پريا ڪماريءَ جي امڙ جون دانهُون ٻُڌي زمين پيرن هيٺيان نڪري وڃي ٿي.  هزار خان لکيو ته اچو ته سڀ گڏجي ھن بي ضمير حڪمرانن کي جاڳايون پريا ڪماري لاءِ هڪ ٿي آواز اٿاريون، شاهد شر لکيو ته ايس ايس پي جي ڪيل جاچ به ظاهر ناهي ڪئي وئي، امتياز جمالي لکيو ته عدالتي حڪم باوجود قانون حرڪت ۾ ناهي آيو، ممتاز علي مهر لکيو ته پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو وڃي، حامد علي انڍڙ به پريا ڪماري کي آزاد ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ رليز پريا ڪماري ٽرينڊ به هلايو ويو.