ڪروڙين رُپيا ٽئڪس ڏيندڙ شهري 15 هزار روپيا ڦُر ڪيئن ڪندو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

0
209
گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن:سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ واپاري خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري مامري جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته سوين ماڻهو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهن، پوليس کي مٿن رحم نٿو اچي، ماڻهو قتل ٿيندا آهن، پر ڪيس داخل ناهي ٿيندو، هتي 15 هزار رُپيا چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

عدالت واپاري خلاف ڦر جي ڪيس تي ٻڌڻي دوران پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڪروڙين رُپيا ٽئڪس ڏيندڙ شهري 15 هزار رُپين جي ڦُر ڪيئن ڪري سگهي ٿو؟

سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ کي ايماندار آفيسر مقرر ڪرڻ ۽ معاملي کي پاڻ ڏسي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

عدالت خيرپور ۾ واپاري تي ڪيس داخل ڪندڙ جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو