ٿاڻن تي ڪئميرائون لڳائڻ جو مقصد شهرين کي ناحق باندي بڻائڻ کان بچائڻ آهي: آءِ جي سنڌ

0
198

ڪراچي: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ٿاڻن تي ڪئميرائون لڳائڻ جو مقصد شهرين کي ناحق باندي بڻائڻ ۽ سائلن جي شڪايت ختم ڪرڻ آهي

آءِ جي سنڌ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته  ٿاڻو ڪلچر تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اُن لاءِ کوڙ آفيسر بدلي به ڪيا آهن

آءِ جي چيو ته سمورن ٿاڻن جي ڪئيمرا ذريعي نگراني ايس ايس پي آفيس ۾ ڪئي ويندي، ڪراچي کانپوءِ سموري سنڌ ۾ ٿاڻن تي ڪئميرائون لڳايون پيون وڃن

دعا زهريٰ ڪيس بابت سوالن جا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪندي آءِ جي چيو ته معاملو ختم ٿي ويو، هاڻي اِن تي نه ڳالهائڻ گهرجي

ھي به پڙھندا

ڪروڙين رُپيا ٽئڪس ڏيندڙ شهري 15 هزار روپيا ڦُر ڪيئن ڪندو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ