پيٽرول پي ٽي آءِ جي ڪري وڌيو آهي، اسان ڪجهه ناهي ڪيو: مريم نواز

0
280
پيٽرول پي ٽي آءِ جي ڪري

اسلام آباد: نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پاڪستان ۾ پيٽرول تحريڪ انصاف جي گذريل حڪومت طرفان آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدن جي ڪري وڌيو آهي، اسان وٽ ڪو آپشن نه هو

مريم نواز اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهي هئي، سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ۽ آءِ ايم ايف ۾ ٿيل معاهدي جي پاسداري نه ڪريون ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها

مريم نواز تيل اگهن ۾ غير معمولي اضافي بابت حڪومتي فيصلي جو دفاع ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جي معاهدي تحت هن وقت پيٽرول 300 رُپيا في لِٽر ٿيڻو هو، عمران خان ملڪ کي موجوده حالتن تائين پهچايو آهي

هن چيو ته نواز شريف انساني حقن جي بنياد تي پرويز مشرف بابت بيان ڏنو هو، نواز شريف وڏي دل جو مظاهرو ڪيو آهي

مريم نواز وڌيڪ چيو ڊي جي آءِ ايس پي آر وٽ ثبوت آهن، هو پنهنجي طور نٿو ڳالهائي، خط جو معاملو سياسي هو ته پي ٽي آءِ وارا اُن کي قومي سلامتي ڪميٽي ۾ ڇو کڻي ويا؟ عمران خان پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ سيڪيورٽي ادارن کي به داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ جي پيدا ڪيل ڏُکيائين سبب ٽيون ڀيرو پيٽرول مهانگو ڪرڻو پيو: وفاقي وزيرن جي پريس ڪانفرنس