ڪرونڊي (ن پ ا) ڳوٺ کنڊو خان شر جي رهواسي مير محمد شر صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو آهي ته ملتان جي ڪمپني ايس او ايس آرگنائزيشن پاڪستان جي ريجنل آفيس سکر ۾ ايس اي سي (اسسٽنٽ سپروائيزر) طور ڪم ڪندو هئس هڪ سال اڳ ڊيوٽي تي سکر ويندي ويگن حادثي ۾ زخمي ٿيو هئس ھڪ ڄنگهه کان معذور بڻجي ويو آهيان، اولاد نه آهي، علاج کان قاصر آهيان، ڪمپني ۾ 2سال نوڪري ڪئي آهي پر ڪمپني وارن منهنجو قدر نه ڪيو، بيسڪ پگهار ڏيڻ سان گڏ منهنجو ڪمپني جي خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.