خيرپور (رپورٽر) سول اسپتال خيرپور ۾ ھائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين وظيفو نه ملڻ خلاف پنجين ڏينهن به او پي ڊي جو بائڪاٽ ڪري پنهنجي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سول اسپتال جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي ڊاڪٽر ثقلين شاهه، ڊاڪٽر وقار منظور، ڊاڪٽر ڊاڪٽر راهول راءِ، ڊاڪٽر رابعه شاهه، ڊاڪٽر پرينڪا ماکيجا ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. اڳواڻن ان موقعي تي صحافين کي ٻڌايو ته ھائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽر مسلسل ڪورونا وائرس دوران ڏکين حالتن ۾ پنهنجون ڊٽيون ڪيون آهن حڪومت وظيفي سان گڏ ڪورونا الائونس به نه ڏنو آهي، مالي پريشانين سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. هنن چيو ته جيڪڏهن اسان جو وظيفو جاري نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ سول اسپتال خيرپور جو سمورو ڪاروهنوار بند ڪيو ويندو جنهن جي ذميواري سنڌ حڪومت مٿان هوندي.