شاهپورچاڪر (ن پ ا) ايڊيشنل سيشن جج شهدادپور جي حڪم تي شاهپورچاڪر پوليس مشو پٺاڻ جي سرن جي بٺي تي ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارن سميت 6 پورهيتن کي بازياب ڪرائي ورتو، ان حوالي سان چندن اوڏ عدالت ۾ درخواست ڏني هئي ته سندس خاندان جي ماڻهن کي مشو پٺاڻ جبري پورهيو وٺي ٿو ۽ اجرت نٿو ڏئي، پوليس بازياب ڪرايل پورهيتن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت بيان بعد پورهيتن چمن اوڏ ، امير اوڏ ۽ ٻين کي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.