ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ۾ 3 سال اڳ شادي ڪندڙ ناري کي مڙس ڪارنهن الزام مڙھي گهران ڪڍي ڇڏيو، 18 سالن جي شهزادي منگي هتي دانهيندي چيو ته 3 سال اڳ صدام منگي سان شادي ڪئي هئي، شادي کان پوءِ ڏير مسلسل تشدد ڪندا هئا، ڏيرن جي چوڻ تي مڙس برادري جي نوجوان عارف منگي سان ڪارنهن الزام مڙھي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، جنهن بعد والد ممتاز منگي وٽ رهان ٿي. هن مطالبو ڪيو ته تحفظ فراهم ڪيو وڃي.