راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ ۾ ھڪ ڏينھن ۾ ٻه موٽر سائيڪلون چور ڪاھي فرار ٿي ويا. نيو پلاٽ محلي مان نامعلوم چاٻي چور پوليس ڪانسٽبل منظور ميمڻ جي گھر ٻاھران بيٺل موٽر سائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويا، جڏھن ته خانزاده محلي مان پڻ مختيار خانزاده جي گھر ٻاھران بيٺل موٽر سائيڪل چور ڪاھي فرار ٿي ويا آھن ٻئي طرف نئين مقرر ٿيل ايس ايڇ او راڌڻ عبدالستار ملاح جو چوڻ ھو ته چورن خلاف سخت قدم کنيا آھن جلد چوري ڪيل موٽر سائيڪلون بازياب ڪيون وينديون.