ڪرمپور ڀرسان ٻه نوجوان مبينا اغوا، پوليس جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار

0
305
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان ٻه نوجوان مبينا اغوا ٿي ويا، ڳوٺ پيربخش شجراه جو رهواسي مظهر جعفري ۽ سندس دوست نواز پنهيار کي هٿياربند اغوا ڪري ويا، نواز پنهيار خيرپور جو رهواسي آهي جيڪو دوستن وٽ گهمڻ لاء آيل هو، ٻنهي ڄڻن کي تتر ڏيڻ بهاني ڪچي ۾ گهرائي هٿياربند اغوا ڪري ويا، مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته غازي بنگلاڻي نالي شخص ٻنهي ڄڻن کي دوکي سان ڪچي وٺي ويو ٻن ڏينهن کان سندن نمبر بند پيل آهن، ٻنهي نوجوانن کي ڪرمپور ٿاڻي جي حد ۾ مڇي ٻنڊو وٽان اغوا ڪيو ويو آهي، ڪرمپور ٿاڻي تي وياسين ته ايس ايڇ او ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري واپس ڪري ڇڏيو . جڏھن تھ پوليس پاران ڪي بھ قدم نھ کڻن خلاف مغوين جي وارثن پاران ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪري ڌرڻو ھنيو ويو.