غار مان لکين سال پراڻو گهر دريافت، ڏسندڙ حيران

0
392

جوهانسبرگ (دلچسپ نيوز) غار مان لکين سال پراڻو گهر دريافت، ڏسندڙ حيران ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڏکڻ آفريڪا جي هڪ غار مان انتهائي قديم گهر هٿ آيو آهي. گهرمان پٿرجي اوزارن سان تيارڪيل شيون به هٿ آيون آهن. ماهرن جي راءِ آهي ته اهو گهر لڳ ڀڳ 20 لک سال پراڻو آهي جڏهن ته ان جي دريافت انسانن جي شروعاتي دور بابت ڄاڻڻ ۾ مدد ڏيندي. ان کان علاوا اها دريافت تاريخ جي شاگردن لاءِ پڻ بهترين رهنمائي فراهم ڪندي.