ڪرمپور/جونگل (نمائندن وٽان) ڪرمپور ڀرسان 4 ڏينهن اڳ کرڙو شاخ تان هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل ڪيول ڪمار باگڙي بازياب نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب سندس وارث سخت پريشان آهن، ٻي طرف پوليس پاران مغوي جي بازيابي لاءِ مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ گلاب بنگلاڻي ۾ بنگلاڻي برادري جي گهرن تي چڙھائي ڪئي پر جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا، پوليس جوابدارن جي گهرن ۾ ڪيمپ قائم ڪري ويهي رهي هئي، جڏهن ته اڄ ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار 9 هٿياربندن اوچتو حملو ڪري پوليس مٿان فائرنگ شروع ڏني پوليس پاران جوابي فائرنگ بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، جڏهن فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، اطلاع تي ايس ايس پي جيڪب آباد ملڪ شمائل رياض واقعي واري هنڌ پهتو، ايس ايس پاران ڪيمپ تي موجود پوليس اهلڪارن کان تفصيل ورتا، جڏهن ته ايس ايس پي مغوي جي بازيابي لاءِ ڏوهارين جي گهرن جو معائنو به ڪيو ۽ پوليس کي مغوي جي جمد بازيابي جي هدايت ڪئي، ٻي طرف ان حوالي سان ايس ايچ او بي سيڪشن رضا محمد کوسو ٻڌايو ته 2 ڏينهن اڳ کرڙي شاخ وٽ گدرين سان ڀريل مزدا مٿان فائرنگ ڪري هٿياربند پورهيت ڪول مل ڀاگڙي کي اغوا ڪري ويا، مغوي جي بازيابي لاءِ جوابدارن جي گهر ۾ پوليس ڪئمپون قائم ڪيون آهن، هن چيو ته جلد مغوي کي بازياب ڪرايو ويندو. ٻي طرف مغوي جي سالي مزاور باگڙي ٻڌايو ته هٿياربندن نوجوان کي اغوا ڪري ظلم ڪيو آهي، اسان غريب آهيون، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، پوليس به رڳو دلاسا ڏئي رهي آهي، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.