ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت زال کي قتل ڪندڙ مڙس عبدالجبار کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت جوابدار کي هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ وڌيڪ 10 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي به سزا ٻڌائي آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدار عبدالجبار جنجوعه ٽائون ۾ 20 ڊسمبر 2019ع تي پنهنجي 55 سالن جي گهر واري سڪينه کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو، مقتوله جي ڀاءُ وسيم بلوچ ڪالوني ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته منهنجي ڀيڻوئي ۽ ڀاءُ وچ ۾ جهيڙو ٿيو هو، جهيڙي دوران ڀيڻوئي فائر ڪري منهنجي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو.