ٽنڊو ڄام (ن پ ا) تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي جي اسسٽنٽ ڪمشنر قنديل فاطمه ميمڻ کي هڪ تنظيم جي مقامي اڳواڻ تسليم راجپوت پاران تعلقي ٻھراڙي ۾ بهترين ڪارڪردگي تي نقلي تاج جو تحفو ڏنو ويو، مليل ڄاڻ موجب چاندي جي تاج کي سون جو پاڻي ڏياري اسسٽنٽ ڪمشنر حيدرآباد ٻهراڙي کي بهترين ڪارڪردگي تي تحفي طور ڏنو ويو، رابطو ڪرڻ تي تاج ڏيندڙ مقامي اڳواڻ تسليم راجپوت ٻڌايو ته اسسٽنٽ ڪمشنر کي ٻڌايو هو ته تاج چاندي جو آهي مٿان سون جو پاڻي ڏياري ويو آهي، هن چيو ته ٽنڊو ڄام سميت ٻين شهرين کي خبر ناهي ته تاج نقلي آهي يا سونو، هن چيو ته اسسسٽنٽ ڪمشنر حيدرآباد ٻهراڙي ٻين اسسٽنٽ ڪمشنر جي ڀيٽ ۾ تعقلي ٻهراڙي کي جام وقت ڏنو آهي، ان ڪري کيس تاج جو تحفو ڏنو ويو آهي، تاج سونو آهي يا نقلي اسسٽنٽ ڪمشنر سوال ڪرڻ تي ڪو به جواب نه ڏنو، پنھنجي اخبار پاران تاج تحفي ۾ ڏيڻ بعد تاج جي ماليت ۽ تولا معلوم ڪرڻ تي پتو پيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر کي نقلي تاج تحفي ۾ ڏنو ويو آهي.