ڪرمپور (ن پ ا ) ڪرمپور ڀرسان خوفناڪ حادثو ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. تيز رفتار لينڊ ڪروزر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب قاسم نصيراڻي ۽ عامر ميراڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويا، عرفان نصيراڻي اسپتال ۾ دم ڏنو. ڪرمپور واسي ٽئي نوجوان انڊس هاءِ وي هوٽل تي چانھن پيئڻ بعد گهر وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. شهري واقعي واري هنڌ پهتا، وارث لاشن کي چنبڙي اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندا رهيا، عرفان نصيراڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال نيو ويو جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. عرفان ۽ قاسم نصيراڻي پاڻ ۾ ڀائر هئا عامر ميراڻي سندن دوست هو. واقعو ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو پوليس گاڏي تحويل ۾ وٺي ڇڏي، ڊرائيور فرار ٿي ويو.