ٽنڊوغلام علي (ن پ ا)  ٽنڊوغلام علي ۾ تيز رفتار ٽرڪ جو چنگچي ۽ ريڙهي سان ٽڪر، 3 ڄڻا فوت، هڪ زخمي، ان ڏس ۾ شهر جي مين بس اسٽاپ چمبڙ ناڪي وٽ ماتلي کان ايندڙ تيز رفتار ٽرڪ جي بريڪ فيل ٿيڻ ڪري روڊ جي سائيڊ کان بيٺل چنگچي ،ريڙي وارن ۽ شهرين جي مٿان ٽرڪ چڙھي وئي، نتيجي ۾ ريڙي وارو پورھيت گومندو ڪولهي موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته 3 ڄڻا نوجوان سجاد نظاماڻي، پيرسن راڄو ميگهواڙ ۽ راجا لنڊ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف حيدرآباد اسپتال ۾ زخمي پيرسن راڄو ميگهواڙ ۽ نوجوان سجاد نظاماڻي به دم ڏئي ڇڏيو، سندن لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.  ٻي طرف پوليس  ٽرڪ ڊرائيور نياز لنڊ کي گرفتار ڪري ورتو.