ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪربلا جي شهيد حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين جو چاليهو اڄ ٿيندو، ٻئي طرف ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب چاليهي جي مناسبت سان اڄ ڪراچي شهر ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، مرڪزي جلوس جي رستن ۽ گذرگاهن  تي 2996 آفيسر ۽ اهلڪار ڊيوٽي ڏيندا، جڏهن ته ننڍن وڏن جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ 76 سينيئر پوليس آفيسر، 355 اين جي اوز جا رضاڪار، 2480 ڪانسٽيبل ۽ هيڊ ڪانسٽيبل، ايس ايس يو جا 969 ڪمانڊوز، آر آر ايف جا 375 جوان سيڪيورٽي جا فرض نڀائيندا، عمارتن تي ماهر نشاني باز مقرر ڪيا ويا آهن، مرڪزي روٽ سان لڳندڙ رستا ڪنٽينر لڳائي سيل ڪيا ويا آهن.