ڪراچي (م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي شهيد چيئرمين ذوالفقار ڀٽو جي پوٽي جونيئر ذوالفقار چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام پنهنجي صوبائي حڪومتن کي نمائنده تسليم نٿو ڪري. نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي جونيئر ذوالفقار چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جيڪڏهن دوا ملي به وڃي ته دوا کائڻ لاءِ صاف پاڻي ميسر نه آهي، سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهو پنهنجي حڪومتن کي نمائنده تسيلم نه ڪنديون آهن. هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ دوائن سان گڏ صاف پاڻي جي عدم فراهمي به هڪ اهم ۽ سنگين مسئلو آهي، ڇاڪان صاف پاڻي کانسواءِ دوائون کائڻ ممڪن نه آهن، ڪيترائي ماڻهو ان مشڪل کي منهن ڏئي رهيا آهن. جونئير ذوالفقار چيو ته ٻوڏ شهرين سان گڏ لاتعداد جانور به لوڙي وئي. ٻوڏ متاثر علائقن جي ڪيل دوري جو  ذڪر ڪندي چيو ته ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڪيترائي جانورن مئل ڏٺا، جانور مرڻ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بدبوءِ پکڙيل هئي. صوبائي حڪومتن تي تنقيد ڪندي جونيئر ذوالفقار ڀٽو چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن ۾ حڪومتن جي ڪارڪردگي تي شديد ڪاوڙ آهي، ماڻهو موجوده حڪمرانن کي پنهنجي نمائندن جي حيثيت سان تسليم نه ٿا ڪن، پاڪستان جي جمهوري نظام ۾ ڪيئي مسئلا موجود آهن، حڪمران جماعتون ماڻهن کي ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي ووٽ وٺنديون آهن، فلاحي تنظيمن کي به فنڊز جي کوٽ سبب ڪم ڪرڻ ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون درپش آهن.