اسلام آباد (م ڊ) پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان اڄ ٿيڻ جو امڪان آهي، ذريعن موجب وزيراعظم آفيس ناڻي وزارت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته اوگرا جي سمري ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي ڪا به تجويز ناهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ لاٿ بدران معمولي اضافي جو امڪان آهي. ريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن بابت حتمي فيصلو اڄ  ٿيڻ جو امڪان آهي. هوڏانهن پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان نه ٿيڻ تي پيٽرول پمپن خريداري روڪي ڇڏي، جنهن ڪري پيٽرول جو بحران ٿيڻ جو خدشو آهي. ذريعن موجب پيٽرول جي قيمتن ۾ لاٿ جي امڪان سبب ڪمپنين پاران پيٽرول خريد نه پيو ڪيو وڃي. وفاقي حڪومت کي 15 آڪٽوبر  تي تيل جي قيمتن بابت اعلان ڪرڻو هو.