اسلام آباد (بيورو رپورٽ)گهرو مامرن جي وفاقي وزارت حضرت امام حسين عليه السلام جي چهلم جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي لاءِ فوج  ۽ سول آرمڊ فورسز جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، گهرو وزارت ۾ سيڪيورٽي صورتحال جي نگراني ۽ مانيٽرنگ لاءِ سينٽرل ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويو آهي، گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته چهلم جي موقعي تي فوج  سول حڪومت جي مدد لاءِ سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيندي، فوج سان گڏ رينجرز، ايف سي به مقرر ٿيندي، فوج ٻوڏ متاثرن جي امدادي ڪمن سان گڏ سيڪيورٽي لاءِ به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندي، چهلم جي سيڪيورٽي جي مانيٽرنگ لاءِ سينٽرل ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، چهلم جي جلوسن جي رستن ۽ امام بارگاهن جي سيڪيورٽي لاءِ خصوصي قدم کنيا ويا آهن.