ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر 2 جي پي آر سي مبينا طور جعلي هجڻ جو انڪشاف، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائلن، پي آر سيز ۽ شڪي شناختي ڪارڊ واري معاملن ۾ ڪيترائي ڊوميسائل ۽ پي آر سيز جعلي قرار ڏيڻ بعد سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ ۾ به مبينا جعلي ڊوميسائل ۽ پي آر سيز جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو آهي، سال 2013ع ۾ 17 هين گريڊ ۾ چيف ميونسپل آفيسر طور ڀرتي ٿيڻ بعد سال 2020ع ۾ 18هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي هاڻوڪي ڊائريڪٽر 2 عمار خان ولد ممتاز احمد خان جي شناختي ڪارڊ ۾ موجوده پتو ڪراچي جي ڊفينس فيز 2 واري علائقي جو ڄاڻايل آهي جڏهن ته سندس مستقل پتو اڃا تائين به آزاد ڪشمير  جو شهر راولا ڪوٽ ضلعو پونڇ ڏنل آهي، اهڙي طرح سندس والد ممتاز خان جي 2019ع ۾ جاري ٿيل شناختي ڪارڊ ۾ به مستقل پتو راولاڪوٽ ئي ڏنل آهي. جڏهن ته عمار خان جي زال سُندس عمار جي شناختي ڪارڊ ۾ هاڻوڪو پتو لنڊن ۽ مستقل پتو وري راولا ڪوٽ  ڄاڻايل آهي، سُندس عمار جي مستقل يا هاڻوڪي پتي ۾ ڪراچي جي رهائشي ايڊريس ڏيکاريل ئي ناهي. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته عمار خان 2013ع ۾ مبينا جعلي پي آر سي  جي بنياد تي نوڪري وٺڻ کانپوءِ وڏي عرصي تائين لوڪل گورنمينٽ ۾ ڊائريڪٽر 2 واري عهدي تي رهڻ بعد ڪجهه وقت تائين سانگھڙ ۾ مقرر هو، گذريل ٻن سالن کان ٻيهر لوڪل گورنمينٽ بورڊ ۾ ڊائريڪٽر 2 واري عهدي تي مقرر  ٿيل آهي. ذريعن موجب ته عمار خان جو پي آر سي وارو رڪارڊ به ڊي سي سائوٿ جي آفيس مان غائب ٿيل آهي.