ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مبينا مقابلا، 4 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، عزيز ڀٽي ٿاڻي جي حد ۾ عزيز ڀٽي پارڪ وٽ پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ مبينا مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 14 ورهين جي اسد شاهه پٽ عبدالخالق ۽ عثمان پٽ حضرت الله کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف گلستان جوهر بلاڪ 7 ۾ به مبينا مقابلو ٿيو. پوليس موجب ڏوهارين سان فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ذالفقار علي ۽ محمد ابراهيم کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو .