جيڪب آباد (رپورٽر) سپريم ڪورٽ جيڪب آباد ۾ اربين رپين جي سرڪاري زمينن ۽ عمارتن تي قبضي جو نوٽيس وٺندي هوٽلز سميت اسڪولز، اسپتالن ۽ سرڪاري بنگلن تي قبضن متعلق ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سنڌ حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي، اربين رپين جي رقم جي سرڪاري زمينن ۽ عمارتن تي قبضو ڪرڻ خلاف وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي ڀيڻ جي درخواست تي سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺندي ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سنڌ حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي، مليحه ملڪ سرڪاري زمينن ۽ عمارتن تي قبضي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ درخواست گذار مليحه ملڪ ۽ ان جي وڪيل ايڊووڪيٽ زين اي سومرو پيش ٿيا، سپريم ڪورٽ ڪراچي درخواست تي ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو آهي،