ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 53 سينيئر سول جج ۽ اسسٽنٽ سول ججن جي مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. رجسٽرار پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سهيل احمد مشوري کي ڪراچي ايسٽ، جاويد حسين کي سکر، عبدالحفيظ لاشاري کي ڪراچي سائوٿ، عبدالرزاق کي حيدرآباد، رائو محمد نديم کي ڪراچي سينٽرل ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، اعجاز شاهه کي ٽنڊو آدم، تصور علي کي سجاول، عارف راجپوت کي گولاڙچي، مرزا توثيف احمد کي ڪراچي سائوٿ، سليم بٽ کي ڪنڊيارو ۽ باغ علي شر کي سانگهڙ ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن محمد عارف کي مٺي، راجڪمار کي ڪراچي سائوٿ، صدا حسين لاڙڪ کي حيدرآباد، محمد اڪمل کي ڪراچي ايسٽ، سميع الله ميمڻ کي رتوديرو، محمد علي کي ڪشمور، اسلم چانڊيو کي ڪراچي سائوٿ، نويد اصغر کي ڪراچي ويسٽ، نظام الدين کي شهيد بينظيرآباد، عبدالرحمان کي ڪراچي ايسٽ، غلام عباس ميمڻ کي ڪراچي ويسٽ، عبدالستار کي خيرپور، عبدالشڪور کي گهوٽڪي، ممتاز علي کي ڪراچي سائوٿ، شهناز ڀيو کي ڪراچي سينٽرل، رشيا رحمان کي ڪراچي ويسٽ، رباب فاطمه کي ڪراچي سائوٿ گل محمد کي هالا، فريحه صنوبر کي ڊگهڙي، اشتياق ميمڻ کي ڪنڌڪوٽ، عطاءُ الله مهر کي شڪارپور، شفقت الله انڙ کي خيرپور. خرم امين کي ملير، سيد احمد يوسف کي حيدرآباد، ڪشمالا کي ڪوٽڙي، عتيق الرحمان کي جيڪب آباد ۾ مقرر عبدالڪريم ميمڻ کي ڪراچي ايسٽ، معشوق علي کي شهيد بينظيرآباد، امتياز ڀنڀرو کي ڪراچي ايسٽ، سيد فرحان ظفر کي حيدرآباد، سليم ڪيريو کي ٽنڊوالهيار، بلاول پيرزادو کي مٽياري، خالد لغاري کي جيڪب آباد، عبدالباقي کي قمبر،عاصم لوڌي کي خيرپور، مير حسن کي گهوٽڪي، راجا حبيب الرحمان جوڻيجو کي خيرپور، غلام رضا کي لاڙڪاڻي، يوسف ملڪ کي ٺٽو، غلام مرتضيٰ کي ملير ۽ ڪنيز فاطمه کي ڪراچي ويسٽ ۾مقرر ڪيو ويو آهي.