ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گھر تي فائرنگ، گهر ڌڻي قتل، ان ڏس ۾ ڪورنگي 3 نمبر جي بنگالي ڪيمپ ۾ نامعلوم هٿياربندن گهر تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 50 ورهين جو محمد انور مارجي ويو. اطلاع تي پوليس پھچي مقتول محمد انور جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، ھٿياربندن ٻاهران بيهي گهر تي فائر ڪيا، گوليون دروازي جي شيشي کي ڪراس ڪري مقتول کي لڳيون، گهر ڀاتين کان به واقعي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. واقعي واري هنڌ تان ثابتيون گڏ ڪيون ويون آهن