حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد جي مهراڻ پارڪ ۽ جمعون ڳوٺ سامهون سنڌو درياهه مان 2 ڄڻن جا لاش مليا. هڪ لاش جي سڃاڻپ ٿيڻ بعد پوليس وارثن حوالي ڪيو، جڏهن ته هڪ لاش پراڻو هئڻ سبب سڃاڻپ نه ٿيڻ کانپوءِ پوليس امانت طور لاش مرده خاني ۾ رکرائي ڇڏيو آهي، حسين آباد پوليس جو چوڻ آهي ته مهراڻ پارڪ سامهون کين علائقي واسين لاش ڏسي اطلاع ڏنو جنهن بعد انهن پهچي درياهه مان لاش ڪڍرائي سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب نوجوان جي سڃاڻپ 32 سالن جي تنوير صديقي جي نالي سان ٿي آهي. نوجوان پورهيت آهي جيڪو ڄاڻايل علائقي ۾ رهائش پذير هو پر سندس گهرواري ۽ سالي ٻڌايو آهي ته هو پورهيو ڪرڻ لاءِ 6 ڏينهن اڳ ڪراچي ويا هئا ۽ تنوير کين اهو چيو ته هو بعد ۾ ايندو. سندس هڪ ڏينهن اڳ کان موبائيل فون مسلسل بند هو. خبر نه آهي ته هو درياهه واري پاسي ڪيئن پهتو. ايس ايچ او موجب ته لاش سڃاڻپ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن لطيف آباد تعلقي جي ايئرپورٽ پوليس چوڪي ويجهو ڳوٺ جمعون ڇٽو وٽ  سنڌو درياهه مان نوجوان جو لاش مليو. بچاءُ بند تي رهندڙ ڳوٺاڻن لاش درياهه ۾ لڙهندو ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو. ايئرپورٽ پوليس چوڪي جا عملدار ايڌي رضاڪارن ذريعي درياهه تي پهتا. رضاڪارن لاش درياهه مان ڪڍي پوليس حوالي ڪيو. ايئرپورٽ پوليس چوڪي جي انچارج جو چوڻ آهي ته لاش 35 کان 38 سالن جي نوجوان جو لڳي رهيو آهي. لاش پراڻو هئڻ سبب ڳريل حالت ۾ آهي جنهن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي ان ڪري لاش سول اسپتال جي مرده خاني ۾ امانت طور رکرائي ڇڏيو آهي.