پيرجوڳوٺ (ن پ ا) اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار ڪنگري پاران ٻوڏ ۽ برسات متاثرن لاءِ آيل ٽينٽ ۽ راشن سان ڀريل ڪارگو رڪشا ۽ ڊاٽسن رات پيٽ ۾ من پسند ماڻهن کي ڏيڻ ۽ مبينا وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پنهنجي اخبار فوٽيج ھٿ ڪري ورتا. رپورٽ موجب سوين برسات متاثرن لاءِ آيل ٽينٽ ۽ راشن حقدارن کي ڏيڻ بجاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنگري ۽ مختيار ڪار ڪنگري پاران رات پيٽ ۾ لوڊر رڪشن ۽ ڊاٽسن ذريعي کڻائي نامعلوم ھنڌ من پسندن کي ڏيڻ جا فوٽيج ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار ھٿ ڪري ورتا آهن. ان حوالي سان برسات متاثرن محمد مٺل، سڄڻ، عبدالقيوم ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ھر روز رات دير سان اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنگري جي آفيس مان ڪارگو رڪشا ۽ ڊاٽسن نامعلوم ھنڌ ڀرجي وڃن ٿا پر اڄ تائين ڪنهن به برسات متاثر غريب کي راشن يا ٻيو سامان نه مليو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنگري سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سندس نمبر بند مليو.