ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هوٽل کي باهه، سامان سڙي رک ، گرومندر واري علائقي ۾ ڪباب هائوس کي باهه لڳي وئي، باهه رهائشي عمارت جي گرائونڊ فلور تي واقع ريسٽورينٽ کي لڳي. ريسڪيو ذريعن موجب باهه پهرين منزل تي واقع فليٽس کي به لپيٽ ۾ آندو. اطلاع تي فائربرگيڊ جي گاڏين پهچي باهه تي ضابطو آندو.