رتوديرو (ن پ ا) رتيديري ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران بحريا ٽائون انتظاميا جي زيادتين، ڌارين جي آباد ڪاري ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف قادر جاگيراڻي، ساقي ابڙو، ملھار سنڌي، ڊاڪٽر اطھر شاهه، ايم بي ابڙو، نشاط ٿھيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ سازش تحت ڌارين کي آباد ڪري اصل ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته بحريا ٽائون جي نالي تي ملڪ رياض ڪراچي تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، سندس سازش کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.