گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀر سان ڳوٺ ريڍر واسي 25 سال جي نوجوان صوڀو خان لاشاري کي زمين تي ڪم ڪندي نانگ ڪکي زخمي ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڳوٺ سڪ واهڻ ۾ زمين تي ڪندي 20 سال جي نوجوان حسين علي اڄڻ کي زمين تي ڪم ڪندي وڇون ڏنگي زخمي ڪري ڇڏيو آهي وارث ٻنهي ڄڻن کي کڻي گمبٽ اسپتال پهتا آهن جتي ٻنهي ڄڻن کي فرسٽ ائڊ ڏيڻ بعد ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪري علاج ڏنو پيو وڃي. ڊاڪٽرن مطابق ٻنهي ڄڻن جي طبيعت بهتر آهي وڌيڪ علاج هلي رهيو آهي.