ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي آءِ اي ۽ ايس آءِ يو پاران منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون، بين الصوبائي منشيات اسمگلنگ نيٽ ورڪ بي نقاب، 04 بين الصوبائي منشيات فروش گرفتار، وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ، تفصيل موجب سي آءِ اي ۽ ايس آءِ يو پاران گڏيل آپريشن دوران حب ريور روڊ، نيو ڪراچي ۽ گلبهار مان 04 بين الصوبائي منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار ٿيل منشيات فروشن ۾ عزت الله ،  ارشد خان،  نواز خان، زيد اختر  شامل آهن، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي شهزاد ۽ امام بخش جي ڳولا جاري آهي، گرفتار جوابدارن وٽان آئس 03 ڪلو 10 گرام، هيروئن 01 ڪلو، ڪرسٽل 01 ڪلو ۽ چرس 02 ڪلو 230 گرام هٿ ڪئي وئي، شروعاتي جاچ ۾ جوابدارن انڪشاف ڪيو آهي ته هو ڪوئيٽا ۽ دالبندين (بلوچستان) مان منشيات ڊيلرز ذريعي ڪراچي آڻيندا آهن، جيڪي پنهنجي گهرن ۽ ٻين هنڌن تي لڪائيندا آهن ۽  بعد ۾ اها منشيات مختلف ماڻهن کي وڪرو ڪئي ويندي آهي، پوليس موجب جوابدارن انڪشاف ڪيو آهي ته هو پهريان به جيل ڪاٽي چڪا آهن، جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.