ماتلي(رپورٽ: نياز خاصخيلي) ماتلي ميونسپل ڪميٽي جي 12 وارڊن مان 11 وارڊن تي پ پ جي ڪاميابي کانپوء ماتلي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين شپ لاء پ پ جي مقامي قيادت حاجي رضوان احمد قائمخاني کي چيئرمين نامزد ڪيو آھي. وائيس چيئرمين لاء ڪو واضع فيصلو نه ٿي سگھيو آھي. بلدياتي چونڊن ۾ ماتلي جي 12 وارڊن مان پ پ 11 وارڊن تي ڪاميابي ماڻي. پوءِ به آزاد حيثيت ۾ ڪاميابي ماڻيندڙماتلي ميونسپل جو اڳوڻو چيئرمين عبدالرئوف نظاماڻي پ پ لاء مٿي جو سور بڻيل آھي. جنھن ڪري ماتلي جي سياست جو وايو منڊل تبديل ٿي ويو آھي ۽ هو ڳجھي طريقي سان چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاء لابنگ شروع ڪري ڇڏي آهي. عبدالرئوف نظاماڻي کي سياسي جوڙ ٽوڙ جو ماھر سمجھيو ويندو آھي. کيس شڪست ڏيڻ لاءِ به منصوبابندي ٿي رهي آهي. پ پ ايم پي اي ڏاڏا ھاليپوٽو جي حاجي رضوان احمد قائمخائي کي مڪمل حمايت حاصل آھي. ڪجھ پ پ اڳواڻ ان فيصلي تي ناخوش آھن.