کوسڪي (رپورٽ: عبدالوهاب پٺاڻ)  ٽائون ڪميٽي کوسڪي ۾ 9 وارڊن مان 8 وارڊن تي ٿيل بلدياتي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جا اميدوار 7 وارڊن تي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيا، هڪ وارڊ تي عوامي اتحاد جو اميدوار ضياء الرحمان ڪامياب ٿيو. چيئرمين لاءِ ارباب لطف الله جو ويجھو دوست ۽ کوسڪي ٽائون جو اڳوڻو چيئرمين بلال احسن چيما ۽ وائيس چيئرمين تي جي ڊي اي ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيندڙ مبشر گهمن جنهن کي مخصوص سيٽ تي چونڊايو ويندو اهي مظبوط اميدوار آهن. جن جي بنامقابلي چونڊجڻ جا امڪان آهن.