بدين (رپورٽ شفيع جوڻيجو)  بدين ضلعي اندر بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ جي وڏي ڪاميابي بعد پيپلز پارٽي گروپ بندي جو شڪار ٿي وئي ضلع چيئرمين، وائيس چيئرمين، ميونسپل ڪاميٽين توڙي ٽائون ڪاميٽين تي پيپلز پارٽي جا اميدوار ھڪٻئي جي آمھون سامھون پنھنجا اميدور ڪامياب ڪرائڻ لاء سرگرم ٿي ويا. تفصيل موجب بدين ضلعي ۾ ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن جي ٻئي مرحلي ۾ پيپلز پارٽي سياسي مخالفن کي ھارائي بلدياتي اليڪشن ۾ سڄو ضلعو  کٽڻ سان گڏ  بدين شھر جي 14وارڊن مان 12 وارڊ به کٽيا. ضلعي چيئرمين لاءِ علي اصغر ھاليپوٽو، عطا حسين جمالي، ڊاڪٽر سجاد چانڊيو ۽ ذولفقار راھو اميدوار آهن. اميدوارن ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن کي پاڻ ڏانھن مائل ڪري مرڪزي قيادت وٽ اڪثريت ثابت ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي آھي. دعوتن جا سلسلا به زور شور سان جاري آھن. ضلعي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاء ڪپري موري، ٽنڊي باگي جو جمالي ھائوس، چانڊيا سردار بنگلو، راھوڪي، کٽياڻ فارم ۽ ڊوڊارو فارم مرڪز بڻيل آھن. چئن اميدوارن مان اڳوڻو چيئرمين علي  اصغر ھاليپوٽو سڀ کان مضبوط اميدوار آهي جنھن کي بلاول ڀٽو زرداري جي تمام گھڻو ويجھو سمجهيو پيو وڃي. کيس بدين جي پ پ ضلعي صدر حاجي رمضان چانڊيو، وزير اعلئ سنڌ جي خاص مددگار پير نورالله قريشي, صوبائي وزير اسماعيل راھو، صلاحڪار حاجي رسول بخش چانڊيو، قبول محمد کٽياڻ، ايم پي اي تنزيلا قنمبراڻي، ڊاڪٽر خالده منڌرو، پير امجد شاھ، ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر جي به حمايت مليل آھي. انھي گروپ ۾ وائيس چيئرمين لاء ڊاڪٽر سجاد چانڊيو ۽ راھو خاندان جو ذولفقار راھو، قبول محمد کٽياڻ ۽ مظفر سيال اميدوار آھن. ٻئي طرف جمالي برادر پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي 6 سيٽون ٻھاري ضلعي چيئرمين جا اميدوار آھن. پيپلز پارٽي ضلع بدين جي جنرل سيڪريٽري حاجي سائين بخش جمالي جو ڀاء رئيس عطا حسين جمالي اميدوار آھي جنھن کي ارباب لطف آلله، ايم پي اي تلھار مير الھبخش ٽالپر، ايم پي اي بدين حاجي تاج محمد ملاح، حاجي شير جمالي ۽ 31 ڪائونسلرن جي حمايت حاصل آھي.  ٻئي طرف بدين ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاء به اميدوار سخت محنت ڪري رهيا آهن جن ۾ پير محمدصالح قريشي، علي اڪبر ميمڻ ۽ عاشق علي گوپانگ شامل آهن پير صالح وڏي وزير جي خاص مددگار پير نورآلله قريشي جو ننڊو ڀاءُ آهي. ذريعن موجب کيس وڏي تعداد ۾ ميمبرن جي حمايت حاصل آھي. ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح علي اڪبر ميمڻ جو حامي آهي. عاشق علي گوپانگ کي پ پ جي ٻنھي گروپن سميت چونڊيل ميمبرن جي پڻ حمايت حاصل آھي. جنهن ڪري ميونسپل ڪاميٽي تي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاء تاريخي مقابلو ٿي سگھي ٿو.