ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن دوران مختلف پارٽين پاران مبينا ڌانڌلي ڪرڻ جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن، پ پ، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي پاران هڪٻئي تي ڌانڌلي جا الزام هنيا ويا،  پي ٽي آءِ جي آفيشل ٽوئيٽر پيج تان وڊيو شيئر ڪندي ڄاڻايو ويو ته جماعت اسلامي پاران مبينا ڌانڌلي ڪئي پئي وڃي،  لال مالهي مبينا ڌانڌلي جي وڊيو شيئر ڪئي ۽ لکيو ته جيئن ئي پولنگ جو ٽائيم ختم ٿيڻ لڳو ته جيالن پنهنجو ڪم ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيو، وڊيو ۾ ڪجهه ماڻهو ٺپا هڻي ووٽ ڪاسٽ ڪندي نظر اچي رهيا آهن. پي ٽي آءِ آفيشل پيج تان هڪ ٻي وڊيو به شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ پولنگ عملي کي مارڪٽ ڪئي پئي وڃي، ڄاڻايو ويو ته چنيسر ٽائون يوسي 3 ۾ ڌانڌلي ڪئي پئي وڃي، سوشل ميڊيا تي هڪ ٻي وڊيو به وائرل ٿي جنهن بابت ڄاڻايو ويو ته گلشن اقبال ۾ پ پ ڪارڪن ڌانڌلي ڪري رهيو آهي، سرڪاري ملازم ناهي پر هتي ويٺو آهي. ملير بختاور ڳوٺ جي به هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته پولنگ کان اڳ ئي بيلٽ پيپر تي ٺپا هنيا ويا آهن. بيلٽ پيپر تي تير تي ٺپا هنيا ويا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي وڊيو جاري ڪندي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪيترن ئي هنڌن تي نقاب پوش نوجوان اچي بيلٽ پيپر تي تير تي ٺپا هڻي هليا وڃن ٿا.