ڪراچي: جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان  چيو آهي ته ڪنهن کي به ڪراچي واسين کي پنهنجي حقن کان محروم ڪرڻ نصيب ناهي ٿيو،  اسانجي زبردست تحريڪ جي نتيجي ۾ مڪاني اليڪشن ٿئي پئي، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪوشش هئي ته اهي اليڪشن نه ڪرائين، اليڪشن جي رات تائين ماڻهن کي منجهائي رکيو ويو، هاڻي دهشتگرد نامعلوم نه پر معلوم آهن، انهي ڪري ڪراچي ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز ڪردار ادا ڪن.