ڪراچي: پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي نااهلي سبب پولنگ وقت سر شروع نه ٿي، انهي ڪري پولنگ جو وقت شام 7 وڳي تائين وڌايو وڃي، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پيپلزپارٽي جا ورڪر ڌانڌلي ڪرڻ لاءِ پرزائيڊنگ آفيسر بڻجي ويٺل رهيا  انهي ڪري ڌانڌلي عروج تي آهي، لياقت آباد ۾ ماسڪ پاتل ماڻهو پولنگ آفيسن ۾ داخل ٿيا، هن چيو ته پوليس ماڻهن کي چوي ٿي ته شناختي ڪارڊ ڏيکاريو نه ته گهر هليا وڃو،