ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ جشن آزادي جي موقعي تي ايس ايس يو طرفان فليگ مارچ ۽ شوٽنگ جو مقابلو ڪرايو ويو، جنهن ۾ آمريڪا، روس، جاپان، برطانيا، عمان، بحرين ۽ سعودي عرب جي سفارتي عملي، ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس، ايف سي، ايس ايس يو، آر آر ايف ۽ ٻين ادارن به حصو ورتو. شارٽ شوٽنگ ۾ ايس ايس يو پهرين، اي ايس ايف ٻي ۽ آمريڪي قونصل خاني ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. پوزيشن حاصل ڪندڙن ۾انعام ورهايا ويا. ان موقعي تي ڊي آءِ جي مقصود ميمڻ چيو ته هن ڀيري پوليس پاران سيڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪرڻ سبب دهشتگردي جو ڪو واقعو پيش نه ٿيو، 14 آگسٽ کان اڳ ۾ ڪيترن ئي ڏوهارين کي گرفتار پڻ ڪيو ويو هو.