خيرپور (رپورٽر) پ پ ايم پي اي نعيم کرل ۽ سندس ويڳي ڀاءُ تسليم کرل وچ ۾ ملڪيت جي معاملي تان پيدا ٿيل اختلاف نبري نه سگهيا. تسليم کرل پاران نعيم کرل سميت ٻين ڀائرن ۽ ڀائٽين خلاف جلد پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان تسليم کرل پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو ويڳو ڀاءُ پ پ ايم پي اي نعيم احمد کرل سياسي اثر رسوخ هجڻ سبب مون کي ملڪيت مان حصو نه پيو ڏئي. ميڊيا تي خبرون اچڻ کان پوءِ هن مون کي موتمار ڌمڪيون ڏياري موڪليون آهن، جنهن ڪري مون کي خطرو آهي. هن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت پارٽي قيادت، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي تسليم کرل جي پٽ شاهه حسين کرل رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجي والد تسليم کرل جي عمر 80 سال ٿي وئي آهي، جنهن ڪري سندس ذهن ڪم نه پيو ڪري ۽ هو عمر رسيده هجڻ ڪري جذباتي ٿي ويو آهي. چاچي نعيم کرل ۽ سندس ڀائرن بابا جي ملڪيت تي ڪوبه قبضو نه ڪيو آهي، کيس ملڪيت مان پورو حصو ڏنو ويو آهي. ڪجهه ماڻهو والد کي ورغلائي ان قسم جا بيان ڏياري رهيا آهن. هن تنبيهي انداز ۾ چيو ته ميڊيا جي نمائندن کي گهرجي ته اُهي اسان جي خانداني معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪن. هوڏانهن پ پ ايم پي اي نعيم احمد کرل جو موقف معلوم ڪرڻ لاءِ ساڻس رابطو ڪرڻ جي ڪوشش باوجود هن ڪابه موٽ نه ڏني.