.ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته اسين هڪ آزاد وطن جا رهواسي آهيون، پاڪستان اسان سڀني جو وطن آهي. اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي هر قسم جون نفرتون وساري ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جو عهد ڪرڻ گهرجي. جشن آزادي جي موقعي تي قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ اسيمبلي کي برصغير جي مسلمانن کي عليحده وطن جي قيام لاءِ قراداد منظور ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي، جنهن ذريعي پاڪستان ٺهڻ ۾ مدد ملي. سنڌ اسيمبلي نه صرف سڀ کان پهريان پاڪستان جي حق ۾ قراداد منظور ڪئي پر ان کانپوءِ هاڻي تائين قانون سازي جي لحاظ سان سمورين صوبائي اسيمبلين کان اڳتي آهي. هن ئي اسيمبلي ۾ باباءِ قوم بحيثيت گورنر جنرل حلف کنيو، وزيراعظم لياقت علي خان پاڪستان جو جهنڊو هن ئي اسيمبلي ۾ ڦڙڪايو. هي پهرئين اسيمبلي آهي جنهن پنهنجي ڪاروائي لائيو نشر ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، سنڌ اسيمبلي جي اهميت ۽ تاريخي حيثيت کان ڪير انڪار نه ٿو ڪري سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي حڪومت کي افغانستان جي زميني حقيقتن کي سامهون رکندي افغاني عوام لاءِ سڀ کان بهتر فيصلن جي حمايت ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته مون سميت پارٽي جا ٻيا اڳواڻ نيب ڪورٽن کي منهن ڏئي رهيا آهن.