سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي آزاديءَ جو ڏهاڙو، واڪنگ ٽريڪ تي قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب، وزيراعليٰ جي خاص معاون، ڪمشنر ۽ ٻين 300 فوٽ اوچو قومي جهنڊو ڦڙڪايو، سنڌ پوليس سکر جي دستي ۽ اسڪائوٽس پاران قومي جهنڊي کي سلامي پيش، شاگردن پاران ملي نغما ۽ تقريرون پيش، گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج توڙي مختلف ھنڌن تي ڪيڪ ڪاٽڻ ۽ آزادي ڏھاڙو ملھائڻ لاءِ تقريبون منعقد ڪيون ويون. پوري ملڪ جيان سکر ۾ به پاڪستان جو آزاديءَ وارو ڏهاڙو ڀرپور قومي جوش جذبي سان ملهايو ويو، لب مهراڻ ويجهو واڪنگ ٽريڪ پارڪ ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب ٿي وزيراعليٰ سنڌ جي خصوصي معاون، ڪمشنر سکر ڊويزن، ڊي آءِ جي سکر پوليس، ڊي سي سکر ۽ ٻين 300 فوٽ اونچو قومي جهنڊو ڦڙڪايو. انتظاميا موجب واڪنگ ٽريڪ تي لڳايل قومي جهنڊو سنڌ جو سڀ کان وڏو، ايشيا جو ستون ۽ دُنيا جو 11هون وڏو جهنڊو آهي، ان موقعي تي سنڌ پوليس سکر جي دستي ۽ اسڪائوٽس پاران پريڊ جو مظاهرو ڪندي قومي جهنڊي کي سلامي پيش ڪئي وئي. بعد ۾ واڪنگ ٽريڪ پارڪ ۾ وزيراعليٰ سنڌ جي خصوصي معاون ارسلان اسلام شيخ، ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر، ڊي آءِ جي سکر پوليس فدا حسين مستوئي، ڊي سي جاويد حسين، ۽ ٻين نم جا ٻوٽا پڻ پوکيا، ان موقعي تي ملڪي خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ خاص دعا گهري وئي. يوم آزادي تقريب ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ملي نغما ۽ تقريرون پيش ڪري پاڪستان جي آزاديءَ لاءِ عظيم قربانيون ڏيندڙ اڳواڻن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪيو. ٻئي پاسي فاريسٽ ڊپارٽمينٽ طرفان 14 آگسٽ پاڪستان جي آزادي وارو ڏھاڙو سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ ٻوٽا پوکي پياري پاڪستان کي سرسبز ۽ شاداب بنائڻ جي عنوان ھيٺ ملھايو ويو. هوڏانهن سکر ڪلچرل ڪامپليس ۾ جشن آزادي جي حوالي سان ثقافت کاتي جي ڊپٽي ڊارئيڪٽر امتياز علي ميمڻ، وقار حسين، شاعر صحافي خالد ٻانڀڻ، امير علي بروھي ۽ ٻين طرفان جشن آزادي جو ڪيڪ ڪٽيو ويو.