ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا جي چوٿين لهر 39 حياتيون کسي ورتيون، 3262 نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد ملڪ ۾ فعال ڪيسن جو انگ 59899 تي پهچي ويو، ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح وڌي 6.6، سنڌ ۾ 12.5، ڪراچي ۾ 26، حيدرآباد ۾ 9 ،پنجاب ۾ 2.5 ، لاهور ۾ 3.6 ۽ اسلام آباد ۾ 7 سيڪڙو تي پهتي ، سنڌ ۾24 ڪلاڪن دوران 20 شهري فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2517 نوان ڪيس سامهون آيا، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته هن وقت 35719 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 34405 گھرن، 45 آئسوليشن سينٽرن ۽ 1269 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. هن چيو ته 1137 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 96 مريض وينٽيليٽر تي آهن. ڪراچي ۾ 1989، حيدرآباد ۾ 120، سانگھڙ ۾ 58، ميرپورخاص ۾ 45، ڄامشوري ۾ 42، بدين ۾ 38، ٿرپارڪر ۾ 34، ٽنڊي محمد خان ۾ 31، عمرڪوٽ ۾ 24، مٽياري ۾ 27، دادو ۾ 22، سجاول ۾ 13، نوشهري فيروز ۾ 8، گھوٽڪي ۾ 7، ڪشمور۽ ٽنڊي الهيار ۾ 6_6، خيرپور ۾ 4، شهيد بينظيرآباد ۾ 3، ٺٽي ۾ 2، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ سکر ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.ٻئي طرف حيدرآباد ۾ ڪورونا وگهي لطيف آباد واسڻ 67 سالن جي اختر بانو زال عبدالمنان فوت ٿي وئي. ضلعي ۾ ڪورونا جي ايڪٽو مريضن جو انگ 776 تي پهتل آهي جن مان 755 مريضن کي گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي عمران ظفر لغاري جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي، ان سلسلي ۾ عمران ظفر لغاري”پنهنجي اخبار“ کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن بخار ٿيڻ تي ڪراچي جي خانگي اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائڻ تي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو آئي آھي، ٻئي طرف پي آءِ اي پنهنجن ايئر هوسٽن ۽ ڪپتانن کي ويڪسين ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پهرين آگسٽ کان بنا ويڪسين عملي کي جهازن ۾ ڊيوٽي جي اجازت نه هوندي، هوڏانهن برطانوي آن لائين ريسرچ جنرل ” اي ڪلينيڪل ميڊيسن“ پنهنجي تازي شماري ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس ڦڦرن، ساهه جي نالي سان گڏ انساني دماغ کي به متاثر ڪري ٿو، 88200 ڪورونا متاثرين جي مشاهدي جي بنياد تي جنرل پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته ڪورونا متاثر ٿيلن جي ذهانت به متاثر ٿئي ٿي ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته دنيا اسانجي اچڻ تي پابنديون وجهي ڇڏيون آهن ۽ اسان پنهنجا بارڊر ۽ ايئرپورٽ کولي ڇڏيا آهن، ڪنهن ملڪ ۾ سياحت کي کوليو آهي، ناران، ڪاغان جو حال ڏسو، گلگت ۾ ئي ڪيسن جي شرح ڏسي وٺو.ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ سبب جمعي تي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ لاڪ ڊائون بابت وڌيڪ سخت فيصلا ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته مريضن جو انگ وڌڻ سان اسپتالن تي دٻاءُ وڌندو آهي، خانگي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ گنجائش گهٽ ٿي رهي آهي. سرڪاري اسپتالون 75 سيڪڙو مريضن سان ڀرجي چڪيون آهن، هن چيو ته اسپتالن ۾ علاج هيٺ 87 سيڪڙو ماڻهن ڪورونا ويڪسين ناهي هڻائي. هن چيو ته پابندي باوجود شادي ڪاڄ ڪرائڻ وارن شادي هالن جي  مالڪن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ ۾ ويڪسين جي کوٽ ناهي، اسان وٽ ڪورونا ويڪسينز جو 15 کان 18 ڏينهن جو ذخيرو موجود آهي،

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيس چئوڻ تي وڌڻ بعد شهرين جي شام 6 وڳي کانپوءَ اجايو گهران نڪرڻ تي بندش: آءَ جي ۽ ڪمشنر کي ايس او پيز جي لتاڙ ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم، سمورا ٽيوشن سينٽر به بند ڪرائڻ جي هدايت، زراعت کاتي جي نگراني ۾ هلندڙ سبزي منڊين ۾ بنا ويڪسين ڪيل آبادگارن، ايجنٽن ۽ واپارين جي داخلا روڪڻ جي هدايت ، ان ڏس ۾ ڪورونا بابت صوبائي ٽاسڪ فورس ڪراچي ۾ڪورونا شرح 26 سيڪڙو تي پهچڻ بعد اسڪولن کانپوءِ ٽيوشن سينٽر بند ڪرڻ جو فيصلو ڪندي شام 6 وڳي کانپوءِ شهرين جي غير ضروري طور گهران نڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي،سرڪار جي ڪيل فيصلن تي عملدرآمد ۽ سمورن لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ 3 صوبائي وزيرن تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وئي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ صحت کاتي جي سيڪريٽري بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ ڪورونا شرح 26 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جنهن تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ ۽ ڪراچي جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ شام جو 6 وڳي کانپوءِ شهرين جي گهران اجايو نڪرڻ تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي، هن چيو ته جمعي ڏهاڙي ڪورونا صورتحال جو جائزو وٺندس، جيڪڏهن صورتحال بهتر نه ٿي ته وڌيڪ سخت قدم کنيا ويندا، وڏي وزير صوبائي وزير ناصر شاهه، مرتضيٰ وهاب ۽ اويس شاهه تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي سياسي جماعتن سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ملاقات ڪري صوتحال کان آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وڏي وزير چيو ته ڪورونا صورتحال تي ڪا به سياست نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته اسان وٽ 686 وينٽيليٽر آهن، جن مان 76 وينٽي ليٽرز تي مريض داخل آهن، هن صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته پوليس اسپتال، ليبر کاتي جي 3 اسپتالن ۽ لياقت آباد واري اسپتال ۾ ڪورونا وارڊ قائم ڪيا وڃن، جڏهن ته ڪورنگي ۽ سروسز اسپتال ۾ ٽينٽ هڻي ڪورونا جي مريضن لاءِ وارڊ تيار ڪيو وڃي، ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سان خانگي اسپتالن جي سربراهن پڻ ملاقات ڪئي، وڏي وزير چيو ته ڪورونا صورتحال خراب آهي، ڪيسن ۾ واڌ سبب سرڪاري توڙي خانگي شعبي کي گڏجي منهن ڏيڻو پوندو، خانگي اسپتالون پنهنجو نظام اپ گريڊ ڪن، وڏي وزير صحت کاتي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو خانگي اسپتالن جي سي اي اوز سان رابطي ۾ رهي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت صوبي جي سمورين سبزي منڊين ۾ داخلا لاءِ ڪورونا ويڪسينيشن لازمي قرار ڏئي ڇڏي، ان حوالي سان زراعت واري وزير اسماعيل راهو چيو ته شهرين کي ويڪسين سرٽيفڪيٽ ۽ ماسڪ کانسواءِ سبزي منڊين ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي، ڪميشن ايجنٽ، واپاري ۽ ملازم ڪورونا ويڪسين لڳرائين ۽سرٽيفڪيٽ پاڻ سان گڏ رکن، خريداري ڪندڙ دڪاندار ۽ شهري ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ڏيکاري سبزي منڊي ۾ داخل ٿي سگهندا. هن چيو ته جن ٻج، زرعي دوائون ۽ ڀاڻ وڪرو ڪندڙ دڪاندارن/ ڊيلرن وٽ ويڪسين سرٽيفڪيٽ نه ھوندو، انهن جا دڪان سيل ڪبا هن وڌيڪ چيو ته شهري بزرگن ۽ ٻارن کي سبزي منڊين ۾ آڻڻ کان پاسو ڪن. ٻئي پاسي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ تعليم کاتي جي آفيسن ۾ 50 سيڪڙو ملازمن ۽ آفيسرن جي حاضري لازمي قرار ڏئي، 50 سيڪڙو ملازمن ۽ آفيسرن کي گھر ۾ ويهي آن لائين ڪم ڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. تعليم کاتي جي سيڪريٽري احمد بخش ناريجو موجب تعليم کاتي جي آفيسن ۾ وزيٽرز ( ملاقاتين ) جي اچڻ تي پابندي هوندي