لاهور (م ڊ) پوليس جهانگير ترين گروپ جي پنجاب اسيمبلي ميمبر نذير چوهاڻ کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ ايل ڊي اي ڪامپليڪس مان نذير چوهاڻ کي گرفتار ڪيو، هو ڊي جي ايل ڊي اي سان ملاقات لاءِ ويو هو ۽ پوليس فون لوڪيشن ذريعي کيس گرفتار ڪرڻ پهتي، جتي عمارت ٻاهران اچڻ تي کيس پوليس موبائل ۾ ويهاريو ويو. پوليس موجب نذير چوهاڻ کي جاچ لاءِ ريس ڪورس ٿاڻي نيو ويو، جنهن کانپوءِ کيس ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم آفيس منتقل ڪيو ويندو. پوليس جو چوڻ آهي ته نذير چوهاڻ هڪ نجي پروگرام ۾ شهزاد اڪبر خلاف ڳالهايو هو، جنهن تي ان جو آواز ميچنگ ڪرڻ لاءِ سائبر ڪرائم آفيس وينداسين. ايم پي اي نذير چوهاڻ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت کيس هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي، صحافين سان ڳالهائيندي نذير چوهاڻ چيو ته پوليس مون کي شهزاد اڪبر ڪيس ۾ گرفتار ڪيو، شهزاد اڪبر پنهنجي طاقت استعمال ڪئي. ٻئي طرف نذير چوهاڻ جي گرفتاري بعد ترين گروپ جي ميمبرن ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ هنن چيو ته صورتحال واضح ٿيڻ بعد موقف ڏنو ويندو.