ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ ايندڙ 2 مهينن لاءِ وياج جي شرح 7 سيڪڙو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر مانيٽري پاليسي جو پريس ڪانفرنس ذريعي اعلان ڪندي چيو ته پاليسي ريٽ مهانگائي جي شرح کان گهٽ آهي، معاشي ماهر ان کي وياج جي منفي شرح چوندا آهن، هن چيو ته وياج جي حقيقي شرح نيگيٽو رکڻ جو سبب معاشي ترقي تي ڌيان ڏيڻ آهي. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ جو خسارو 10 سالن ۾ گھٽ ترين سطح تي آهي، ڪورونا دوران کنيل قدمن سبب معيشت ۾ بهتري آئي آهي. هن چيو ته ڪورونا وبا دوران پاليسي سپورٽ جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پاليسي ريٽ کي مسلسل پنجون ڀيرو مستحڪم رکيو ويو آهي، جون مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 8.9 سيڪڙو رهي، هلندڙ سال برآمد بهتر رهي، ٻاهران ايندڙ ناڻي ۾ وڌيڪ اضافو به ممڪن آهي.